شاهه محمد شاهه

شاهه محمد شاهه

شاهه محمد شاهه1

شاهه محمد شاهه1: سنڌ جو مشهور سياستدان شاهه محمد شاهه'>سيد شاهه محمد شاهه، 19 جنوري 1951ع تي ڀاڻوٺ [موجوده ضلعي مٽياريءَ] ۾ سيد احمد شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو، سندن حسب نسب امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام سان ملي ٿو. سندن خاندان جا وڏا امير تيمور جي زماني ۾ سنڌ ۾ آيا هئا. شاهه محمد شاهه جو والد سيد احمد شاهه زميندار هو، جيڪو سندس اٺين درجي ۾ پڙهڻ وقت گذاري ويو. هن سورهن سالن جي عمر ۾، شاگرديءَ واري دور ۾ ئي سياست جو آغاز ڪيو. 1967ع ڌاري نوابشاهه ۾ پڙهڻ دوران نوابشاهه اسٽوڊنٽس فيڊريشن قائم ڪيائين ۽ 1968ع ڌاري ڄام ساقي، اعجاز قريشي، مهر حسين شاهه ۽ مير ٿيٻي سان گڏجي سنڌ نيشنل اسٽونڊنٽ فيڊريشن قائم ڪيائين، جنهن جو پاڻ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ٿيو. پهريون دفعو ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪرڻ ڪري 1968ع ڌاري گرفتار ٿيو، کيس قاضي احمد جي ٿاڻي تي رکيو ويو. ٻيو دفعو مارشل لا خلاف جلوس ڪڍڻ ڪري مئي 1969ع ۾ حيدر بخش جتوئي، غلام محمد لغاري ۽ ٻين سان گڏ کيس گرفتار ڪري نوابشاهه ضلعي ڪائونسل ۾ مٿس ڪيس هلايو ويو. ان ڪيس ۾ کيس هڪ سال سزا ملي ۽ ويهه هزار روپيا ڏنڊ وڌو ويو. هن نومبر 1969ع ڌاري سينٽرل جيل حيدرآباد مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ ووٽرلسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپائڻ لاءِ هلندڙ تحريڪ ۾ حصور ورتو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ بک هڙتالي ڪيمپون قائم ڪرايون ۽ ‘جيل ڀريو تحريڪ’ هلائي، جنهن ۾ ڪيترن شاگردن جون گرفتاريون ٿيون، کيس به گرفتار ڪري سينٽرل جيل سکر ۾ بند ڪيو ويو. اتان آزاد ٿيڻ کانپوءِ جي. ايم. سيد جي قائم ڪيل ‘اينٽي ون يونٽ فرنٽ’ ۾ شامل ٿيو، جنهن ۾ شاگرد تنظيم جي نمائندگي ڪيائين. 11 سيپٽمبر 1970ع تي ‘جيئي سنڌ نوجوان محاذ’ ۽ ‘سنڌ نيشنل فيڊريشن’ جو اتحاد ٿيو ۽ ‘جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن’ جو بنياد رکيو ويو، جنهن ۾ اقبال ترين، شاهه محمد شاهه'>سيد شاهه محمد شاهه، مدد علي سنڌي، يوسف جکراڻي، مولا بخش لغاري، الله شيخ'>امان الله شيخ شامل هئا. شاهه محمد شاهه'>سيد شاهه محمد شاهه، جيئي سنڌ فيڊريشن جو پهريون مرڪزي جنرل سيڪريٽري ٿيو. ساڻس گڏ اقبال ترين ‘جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن’ جو مرڪزي صدر هو. 1970ع واري اليڪشن کانپوءِ بنگال ۾ شيخ مجيب الرحمان کي تاريخي اڪثريت ملڻ کانپوءِ به اقتدار ڏيڻ بجاءِ مارچ 1971ع ۾ عوامي ليگ تي بندش وڌي وئي. انهي عمل خلاف جيئي سنڌ جي ڪارڪنن شاهه محمد شاهه جي اڳواڻي ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون گرفتاريون ٿيون. کيس به پروفيسر عمر ميمڻ، غلام علي الانا، حميد سنڌي، پروفيسر ارجن داس، اشوڪ ڪمار، نندلال، نواب يوسف ٽالپر سان گڏ گرفتار ڪري شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ ڪيس هلايو ويو، جنهن ۾ کيس هڪ سال سزا آئي. 1972ع ۾ مدد علي سنڌيءَ سان گڏجي ماهوار ‘اڳتي قدم’ رسالو جاري ڪيائين، جيڪو 1973ع ۾ 73 واري آئين تي خاص نمبر ڪڍڻ تي حڪومت طرفان بند ڪيو ويو. 1972ع ڌاري ٻولي وارن هنگامن ۾ مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا. جنهنڪري 1975ع تائين روپوشيءَ واري حالت ۾ رهي ‘جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن’ کي منظم ڪيائين. حڪمرانن خلاف ملڪي سطح تي ٿيل اتحاد ۾ مير غوث بخش بزنجي کي صدر ۽ شاهه محمد شاهه کي نائب صدر مقرر ڪيو ويو. هن پارٽي اڳواڻن سان گڏ مارشل لا خلاف ملڪ جي مختلف حصن جا دورا ڪيا ۽ مارشل لا خلاف مهم هلائي. نتيجي ۾ کيس عبدالحميد خان جتوئي، لياقت علي جتوئي، قربان علي شاهه، قمرالزمان راڄپر ۽ ٻين سان گڏ گرفتار ڪري حيدآباد جيل ۾ بند ڪيو ويو، جتي ٻن سالن تائين قيد رهڻ کانپوءِ فيبروري 1981ع ۾ آزاد ٿيو، تنهن کانپوءِ کيس ‘جهاز هائيجيڪنگ ڪيس’ ۾ گرفتار ڪري زبردستيءَ جلاوطن ڪيو ويو، جنهن دوران ڪيترو وقت شام ۽ افغانستان ۾ رهيو. واپس اچڻ کانپوءِ 1983ع ڌاري ايم. آر. ڊي تحريڪ پاڪستان جو ڪنوينر مقرر ٿيو. 1990ع واري اليڪشن ۾ ‘پاڪستان نيشنل پارٽي’ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ حصو ورتائين، پر چونڊجي نه سگهيو. جڏهن 1988ع ۾ جي. ايم. سيد جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي قومپرستن ۽ ترقي پسندن جو اتحاد ‘سنڌ نيشنل الائينس’ [سنڌ قومي اتحاد] ٺهيو ته ان ۾ شامل ٿي هن ڀرپور جدوجهد ڪئي. 1995ع ڌاري پاڪستان مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ 1997ع واري اليڪشن کانپوءِ لياقت علي خان جتوئيءَ جي ڪابينا ۾ اطلاعات کاتي جو مشير مقرر ٿيو. 1999ع ڌاري ان کاتي مان بدلي ڪري کيس ‘فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي’ جون ذميواريون ڏنيون ويون. 2000ع ڌاري مشرف حڪومت خلاف پاڪستان جي مکيه سياسي پارٽين اي. آر. ڊي جي نالي سان اتحاد جوڙيو، جنهن جو نوابزاده نصرالله خان کي مرڪزي ڪنوينر مقرر ڪيو، جڏهن ته ٽن مهينن کانپوءِ نثار کهڙي کي سنڌ لاءِ ڪنوينر ۽ شاهه محمد شاهه کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ان تحريڪ دوران جولاءِ 2001ع ۾ کيس ٻين سياسي اڳواڻن سان گڏ گرفتار به ڪيو ويو. هن 2002ع ڌاري مسلم ليگ (نواز) جي بنيادي ميمبرشپ تان استعيفا ڏني ۽ بينظير ڀٽو سان ملاقات ڪري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. جلد ئي کيس ‘پ پ اسٽڊي سرڪل سنڌ’ جو صدر مقرر ڪيو ويو. هن ڪالاباغ ڊيم ۽ اينٽي ٿل ڪئنال خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو، کيس اپريل 2005ع ۾ لاهور ۾ گرفتار ڪري ڪيمپ جيل ۾ بند ڪيو ويو. هن 2007ع ڌاري پيپلز پارٽيءَ سان اختلاف رکندي ميمبرشپ تان استعيفا ڏني ۽ 2008ع واري اليڪشن ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت سان حصو ورتو، پر ڪامياب نه ٿيو. 24 اپريل 2009ع ۾ ‘سنڌ بچايو تحريڪ’ جو بنياد وڌائين ۽ اڳتي هلي قومپرستن کي گڏ ڪري ‘سنڌ پروگريسو نيشنل الائينس’ جو بنياد وڌائين، جنهن جو کيس پهريون ڪنوينر مقرر ڪيو ويو. سندس سياسي سفر جاري آهي. هن وقت مسلم ليگ (ن) سنڌ جو سيڪريٽري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.01.19  عيسوي

سنڌ جو مشهور سياستدان سيد شاهه محمد شاهه، 19 جنوري 1951ع تي ڀاڻوٺ [موجوده ضلعي مٽياريءَ] ۾ سيد احمد شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير نور محمد خان ٽالپراول
خوبسنگهه ديوان
آصف نواز جنجوعا
چانڊيو محمد باقر خان
رمضان سٻاهيو ڊاڪٽر
پير بخش فاروقي،دلريش
آچر گاڏي
مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي
عبدالقادر ملڪاڻي
ڌڻي بخش ميمڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون